جماڻي مدن

جماڻي مدن

جماڻي مدن

جماڻي، مدن: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڊراما نگار، فلمساز، اداڪار ۽ هدايتڪار مدن جماڻي، رامچند جماڻيءَ جي گهر ۾، 31 ڊسمبر 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو ڪراچيءَ ۾ ’جماڻي اسٽور‘ نالي ڪپڙي جو دڪان هوندو هو، جتي ننڍي هوندي مدن جماڻيءَ پنهنجي والد وٽ هاسانند جادوگر، تاراچند گاجرا، هيرانند ڪرمچند ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ صحافين جون ڪچهريون ٻڌندو هو ۽ جڏهن ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ ڀارت لڏي ويو ته انهن ڪچهرين جو اثر قبولي هن لکڻ شروع ڪيو. مدن جماڻيءَ جي تعليم مئٽرڪ ۽ ڊي. ڊي. اي (يونيسڪو) آهي. هن ڏيڍ سؤ کان وڌيڪ سنڌي، هندي ۽ گجراتي ناٽڪن ۾ ڌار ڌار ڪردار ادا ڪري انعام حاصل ڪيا آهن. هن ڪيترن ئي ناٽڪ جي چٽاڀيٽن ۾ جج طور ۽ ڊراما ورڪشاپن ۾ گائيڊ ۽ آرگنائيزر طور ڪردار ادا ڪيو آهي. مدن جماڻيءَ سنڌي اسٽيج کي اصلوڪا ناول: (1) گهر، گروءَ جو در (سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران 1986ع ۾ انعام کنيل)، (2) ڪاڪو ڪَلوُمل (سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران 1986ع ۾ انعام کنيل)، (3) رام رام سائين، (4) لاڏو لاڏي آڻيندو، (5) سهڻو شاهه لطيف وغيره ڏنا آهن. ان کان سواءِ هن 25 هڪ فصلا ناٽڪ (One Act Plays)، 75 ريڊيو ناٽڪ، 2 اسٽريٽ ناٽڪ، 25 ٽي. وي ناٽڪ ۽ ڪيتريون وڊيو فلمون، جهڙوڪ: (1) هل ته ڀڄي هلون، (2) اپنا گهر، (3) ريکا جو خون، (4) بگو بئريسٽر، (5) ادو عبدالرحمان- سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي جهوليءَ ۾ وڌيون آهن.
مدن جماڻي 1949ع کان 1956ع تائين هنديءَ ۾ ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج ڪيا، پر اڳتي هلي گوبند مالهيءَ ۽ ڀڳونتي ناواڻيءَ سان گڏجي سنڌي ناٽڪ جي دنيا ۾ آيو. هن سنڌي ساهت منڊل ۽ گوبند مالهيءَ جي ڪلاڪار منڊل ۾ اداڪار ۽ هدايتڪار طور ڪافي عرصو ڪم ڪيو. هن سنڌيءَ ۾ پهرين ريڊيي لاءِ ۽ پوءِ اسٽيج لاءِ ناٽڪ لکيا. سندس ناٽڪ آل انڊيا ريڊيي دهلي، ممبئي، احمدآباد، جئه پور، ڀوپال ۽ ڀُڄ تان وقت بوقت نشر ٿيندا رهيا آهن. هن خاص سنڌ جي سنڌين واسطي به ايڪسٽرنل سروس لاءِ ناٽڪ لکيا ۽ پيش ڪيا آهن. ان کان سواءِ ڀارت جي هر مکيه شهر کان سواءِ هانگ ڪانگ ۽ دبئيءَ ۾ به ناٽڪ اسٽيج ڪيا آهن.
سنڌي ناٽڪ جا 100 سال (1986ع) پورا ٿيڻ تي هن ڀارت جي جدا جدا شهرن ۽ خاص ڪري ناگپور شهر ۾ جلسا ڪرائي، سنڌي ناٽڪ کي وڏي هٿي ڏني. نامور اديب ۽ ناٽڪ ڪار منگهارام ملڪاڻيءَ کيس ”سنڌي رنگ منچ (اسٽيج) جو بهترين ڪلاڪار“ قرار ڏنو آهي.
مدن جماڻيءَ جي بهترين ناٽڪن تي مشتمل ڪتاب ”مدن جماڻيءَ جا ناٽڪ“، ’نيو سنسار سماچار‘ (هفتيوار) جي پبلشر راجا داس 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هن جي اسٽيج، ريڊيي ۽ ٽي وي ناٽڪن کان سواءِ اسٽريٽ ناٽڪ، مني ناٽڪ ۽ هڪ ڪرداري ناٽڪ وغيره ڪيا. مدن جي مشهور ناٽڪن ۾: ’هڪ ٻه ٽي‘، ’اوٿيلو‘ (شيڪسپيئر جي ناٽڪ جو ترجمو)، ’تون به رهه، مان به رهان‘، ’ڏس پئسي جا رنگ‘، ’پلئه پلي‘، ’دولت ڪا نشا‘ ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا. مدن جماڻيءَ جن ناٽڪن ۾ هدايتڪار طور ڪم ڪيو آهي، سي هيٺين ريت آهن: ’ماءُ ته منهنجي‘، ’شڪار‘، ’ڪفن‘، ’هيءَ باهه ڪڏهن وسامندي‘، ’هماري بچي‘ وغيره. سندس اهي ناٽڪ تمام گهڻو مشهور ٿيا. هن ڪرداري ناٽڪن (Shadow Plays) جهڙوڪ: ’سنت ڪنور رام‘، ’هيمون ڪالاڻي‘، ’جوزس ڪرائيسٽ‘، ’ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي‘ ۽ ’مرڪي مليا جي موت سان‘ ۾ به ڪم ڪري پاڻ مڃايو آهي. کيس بهترين اداڪاريءَ تي ’سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ‘، آل انڊيا ريڊيو، يونيسڪو، سنڌي ساهتيه اڪيڊمي مهاراشٽر ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترائي اوارڊ، ڪپ، شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.31  عيسوي

مدن جماڻي ، رامچند جماڻيءَ جي گهر ۾ ، 31 ڊسمبر 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
پيرل پرديسي سيتائي
دلدار عباسي
ايشوري جوتواڻي 2
پوراني ميرڪ سيد محمد
راجا رنجيت سنگهه
منور علي سومرو
الف شاهه شهيد ۽ مست علي شاهه
ڀائي تيغ بهادر
ڊيڪارٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون